My WordPress Blog

ٻيهر گرفتار ٿيس ته عوام کي ڪير ڪنٽرول ڪندو؟ عمران خان

0

 اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن مون کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو ته اهڙو ئي ردعمل ايندو ۽ نٿا چاهيون ته اهڙي صورتحال ٻيهر پيدا ٿئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته مون کي 100 سيڪڙو خدشو آهي ته گرفتار ڪيو ويندس، جيڪڏهن ضمانت رد ٿي ته مزاحمت نه ڪندس. هن چيو مان گرفتار ٿيس ته ماڻهن پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جيڪڏهن ٻيهر گرفتار ٿيس ته عوام کي ڪير ڪنٽرول ڪندو؟ نٿا چاهيون ته اهڙي صورتحال ٻيهر پيدا ٿئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.