My WordPress Blog

وفاقي ڪابينا اجلاس، ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ايمرجنسي لڳائڻ جو حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ گهرو وزارت 9 مئي تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن طرفان حساس رياستي ادارن، عمارتن، جناح هائوس، شهيدن ۽ غازين جي يادگارن جي بي حرمتي، ڀڃ ڊاهه، قومي نشريات روڪرائڻ، سوات موٽر وي، ريڊيو پاڪستان سميت ٻين سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ، گاڏين کي ساڙڻ، عام شهرين کي تڪليف پهچائڻ جهڙن واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳائڻ جي تجويزن تي غور ڪيو ويو پر ان حوالي سان حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو. وفاقي ڪابينا ميمبرن ۾ ايمرجنسي لڳائڻ جي فيصلي تي اختلاف سامهون آيو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.