My WordPress Blog

هاڻ ردعمل لاءِ تيار رهو: مريم نواز جي چيف جسٽس تي تنقيد

0

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته چيف جسٽس صاحب! توهاڻ هاڻ عدليا ئي نه آئين ۽ قانون، انصاف ۽ ملڪي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي چڪا آهيو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته چيف جسٽس هجڻ جو مطلب رياست کي ان شخص جي غلامي ۾ ڏيڻ ناهي، جنهن پالتو غنڊن ذريعي قومي وقار ۽ ملڪي دفاع جي هر علامت کي ساڙي ڇڏيو. عمران خان تي تنقيد ڪندي هن چيو ته اهڙي شخص کي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتاري کان روڪڻ، ان کي شاهي مهمان بڻائي رکڻ، ان جا لاڏ کڻڻ هر پاڪستاني سان گڏوگڏ انهن شهيدن ۽ غازين جي به توهين آهي، جن جي هر نشاني تي حملو ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته ملڪي تقدير سان کيڏندڙ هڪ دهشتگرد جا سهولتڪار بڻجڻ کانپوءِ توهان پنهنجو وقار وڃائي چڪا آهيو، توهان پنهنجي ڪرسي کي عمران جي سياست لاءِ استعمال ڪري رهيا آهيو ته هاڻ سياسي ردعمل لاءِ تيار رهو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.