موبائل انٽرنيٽ جي بندش، پي ٽي اي جو اهم بيان اچي ويو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) موبائل انٽرنيٽ سروس جي بحالي بابت بيان جاري ڪيو آهي. پي ٽي اي چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ موبائل انٽرنيٽ سروس ايندڙ حڪم تائين معطل رهندي پر براڊ بينڊ انٽرنيٽ سروس بحال رهندي. پي ٽي اي موجب موبائل انٽرنيٽ سروس کي ايندڙ حڪم تائين معطل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، گهرو وزارت موبائل انٽرنيٽ سروس معطل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا. پي ٽي اي چيو آهي ته گهرو وزارت موبائل انٽرنيٽ سروس بحال ڪرڻ جي ڪا هدايت جاري ناهي ڪئي.