My WordPress Blog

ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس جي بندش، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وڏو قدم

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس جي بندش تي پي ٽي اي، وفاقي حڪومت ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس جي بندش خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست تي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس احمد علي شيخ پڇاڻو ڪيو ته انٽرنيٽ سروس ڪراچي ۾ بند آهي يا سڄي ملڪ ۾؟ درخواستگذار جي وڪيل چيو ته انٽرنيٽ سروس سڄي ملڪ ۾ بند آهي، عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس بند ڪئي وئي. درخواست گذار چيو ته انٽرنيٽ سروس بند ٿيڻ سان شهري سڌي ريت متاثر ٿي رهيا آهن، واٽس ايپ ۽ انٽرنيٽ ۾ رنڊڪ سان عام زندگي متاثر آهي. وڪيل چيو ته شاگرد ۽ ٻار آن لائن تعليم حاصل ڪرڻ کان به محروم آهن، آن لائن ادائيگين ۾ به رنڊڪن سبب ڏکيائيون آهن. درخواستگذار موجب انٽرنيٽ سروس جي بندش غير قانوني آهي، بنيادي انساني حق متاثر ٿي رهيا آهن، حڪومت کي فوري طور تي انٽرنيٽ سروس بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي اي، وفاقي حڪومت ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ۽ ڌرين کان 19 مئي تي جواب طلب ڪري ورتو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.