عمران خان انتظاميا کي روٽ ڪليئر ڪرائڻ لاءِ الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان انتظاميا کي روٽ ڪليئر ڪرائڻ لاءِ 15 منٽن جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو. عمران خان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته 15 منٽن ۾ روٽ ڪليئر نه ٿيو ته اڳتي جي حڪمت عملي جو اعلان ڪندس. واضح رهي ته اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ سخت فائرنگ جا آواز ٻڌا ويا آهن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڀرپاسي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته فائرنگ سبب عمران خان هن صورتحال ۾ ٻاهر نٿو وڃي سگهي.