My WordPress Blog

عدالتي فيصلي کانپوءِ عمران خان جي گرفتاري ٿيندي يا نه؟ راڻا ثناءُ الله ٻڌائي ڇڏيو

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان جي گرفتاري کان روڪڻ جو عدالتي فيصلي جو ڪو مثال نٿو ملي، عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ته نه ڪئي ويندي پر جيڪڏهن جواز بڻيو ته ضرور گرفتاري ڪئي ويندي. عدالتي فيصلي تي پنهنجي ردعمل ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ جيڪو ٿيو، ان جو مثال نٿو ملي، ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيو، اهو عمران خان جي چوڻ تي ٿيو، ڪالهوڪي سهولتڪاري نه ٿئي ها ته ٻه ٽي ڏينهن ۾ صورتحال ڪنٽرول ڪري وٺون ها. هن چيو ته دفاعي ملڪيتن تي حملا ڪندڙن خلاف قانون پنهنجو رستو ٺاهيندو، حڪومت طرفان ڪا رعايت نه ڏني ويندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.