My WordPress Blog

سپريم ڪورٽ جو فيصلو، پي ڊي ايم وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) سومر تي سپريم ڪورٽ ٻاهران ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ سربراهي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته 9 مئي کانپوءِ جي واقعن تي عمران خان خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جو چيو ويو، اندازو لڳايو ته عدليا ڪٿي بيٺي آهي، ڪهڙا آئين ۽ قانون کان مٿانهان فيصلا ڏئي رهي آهي، ڇا اها رعايت 3 ڀيرا چونڊيل وزيراعظم نواز شريف کي ڏني وئي؟هن سوال ڪيو ته ڇا اهڙي رعايت مريم نواز، فريال ٽالپر کي ڏني وئي؟ اڄ عمران خان کي وي وي آءِ پي پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي، رياست جي محافظ ادارن جي اڄ توهين ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو فيصلو ڪيو آهي ته هاڻ سپريم ڪورٽ جي رويي خلاف احتجاج ٿيندو ۽ سومر تي اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ سامهون ڌرڻو هڻنداسين. فضل الرحمان چيو رياست تي طالبان حملا ڪن ته غداري ۽ ٻيو ڪو گروهه ڪري ته ان تي پابندي لڳائي ويندي آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي، اهو افسوسناڪ آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.