سٺي خبر، سون مسلسل ٻئي ڏينهن هزارين رپيا سستو ٿي ويو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ به سون جي اگهه ۾ هزارين رپيا لاٿ سامهون آئي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 6500 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 30 هزار 800 رپيا ٿي وئي آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون 5573 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 97 هزار 874 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 33 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 2005 ڊالر في اونس آهي.