My WordPress Blog

اعليٰ عدليا جي فيصلن تي ن ليگ وڏو قدم کڻي ورتو

0

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اعليٰ عدليا جي فيصلن کانپوءِ وڏو قدم کڻي ورتو، ن ليگ قيادت فوري طور احتجاجي جلسن جو سڏ ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. لاهور ۾ عوامي احتجاج لاءِ مريم نواز کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، ن ليگ قائد لاهور ۾ وڏو عوامي شو ڪرڻ لاءِ جاءِ جي چونڊ جو چئي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب عمران خان جي آزادي جي صورت ۾ ن ليگ ڀرپور احتجاج ڪندي، لاهور، فيصل آباد، سرگوڌا، گوجرانوالا، قصور ۾ جلسا ڪيا ويندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ساهيوال، بهاولپور ۽ راولپنڊي ۾ به احتجاجي جلسا ڪيا ويندا، جڏهن ته خيبر پختونخواهه، ڪوئيٽا ۽ ڪراچي ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.