پي ٽي آءِ تي پابندي جو حامي ناهيان، نيب کي بند ڪرڻ گهرجي: بلاول ڀٽو زرداري
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪنهن سياسي جماعت کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي حمايت نٿا ڪيون. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اصولي طور ڪنهن سياسي جماعت کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي حق ۾ ناهيون، حالتون ڏسي اهڙا فيصلا ڪيا ويندا آهن، جيڪڏهن ڪو اهڙو فيصلو ٿيو ته اهو مجبوري سبب ڪيو ويندو. هن چيو پي ٽي آءِ جيڪڏهن سياسي جماعت رهڻ چاهي ها ته پرامن احتجاج جو سڏ ڏئي ها، سياستدان گرفتار ٿيندا آهن ته سياست جو نقصان ٿيندو آهي، اسان ڪڏهن ان تي جشن ناهيون ملهائيندا ۽ مٺايون ناهيون ورهائيندا. سندس چوڻ هو ته پ پ شروع کان نيب جي خلاف آهي پر پي ٽي آءِ نيب جو دفاع ڪيو، اسان جي خيال ۾ نيب کي بند ڪرڻ گهرجي.