My WordPress Blog

پراجيڪٽ عمران خان جو انجام

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هيءَ ڪهاڻي 2018ع کان شروع ٿي ۽ 2023ع ۾ انجام تي پهتي. ڪهاڻي جو نالو آهي ” پراجڪيٽ عمران خان “. پراجيڪٽ ختم ٿي ويو پر عمران خان ختم نه ٿيو” پراجيڪٽ عمران خان “ 2011ع ۾ آءِ ايس آءِ جي سربراهه احمد شجاع پاشا شروع ڪيو هو. 2012ع ۾ سندس رٽائرمينٽ بعد ان پراجيڪٽ کي ظهير السلام اڳتي وڌايو ۽ نواز شريف کي حڪومت مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ عمران خان کي استعمال ڪيو. عمران خان جو 2014ع ۾ اسلام آباد ڏانهن مارچ ۽ وري ڊي چوڪ ۾ ڌرڻو آءِ ايس آءِ جي پلاننگ جو نتيجو هو پر اهو منصوبو ناڪام ٿي ويو. ظهير السلام جي رٽائرمينٽ کانپوءِ عمران خان جي فائل وقتي طور بند ٿي وئي. اها فائل جنرل جنرل قمر جاويد باجوه جي آرمي چيف بڻجڻ بعد ٻيهر کلي وئي. باجوه پنهنجي سهري ميجر جنرل رٽائريڊ اعجاز امجد ۽ ڪجهه پراڻن دوستن جي مدد سان آرمي چيف بڻجڻ لاءِ لابنگ ڪئي. نواز شريف جنرل باجوه کي آرمي چيف بڻائڻ جو فيصلو ميرٽ تي نه پر سفارش تي ڪيو ۽ باجوه کي آرمي چيف بڻائڻ بعد هو هڪ سال جي اندر اندر وزارت اعظميٰ تان فارغ ٿي ويو. 2018ع جي چونڊن کان اڳ جنرل باجوه، عمران خان سان ملڻ جلڻ شروع ڪيو ته عمران خان کيس گهڻو متاثر نه ڪري سگهيو. عمران خان سندس روڪڻ باوجود بشريٰ بي بي سان شادي ڪئي. عمران خان جي اها روش باجوه کي بنهه نه وڻي ۽ هن شهباز شريف سان ملاقات طئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. باجوه چاهي پيو ته شهباز شريف پنهنجي ڀاءَ سان سياسي عليحدگي اختيار ڪري پر شهباز شريف وزارتِ عظميٰ خاطر پنهنجي ڀاءَ کي دوکو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. شهباز شريف جي انڪار عمران خان جي قسمت بدلائي ڇڏي. باجوا مجبورن ٻيهر عمران خان سان رابطو ڪيو ۽ 2018ع ۾ دوکي ۽ ڌانڌلي ذريعي وزيرِ اعظم بڻايو. 2018ع ۾ ” پراجيڪٽ عمران خان “ جي نئين سر شروعات جو مقصد پاڪستان ۾ ڪيئي آئيني ۽ سياسي سڌارا آڻڻ هو. عمران خان ان پراجيڪٽ لاءِ رڳو هڪ پاپولر فيس هو. پراجيڪٽ جي مقصدن ۾ پاڪستان کي پارلياماني نظام کان واپس صدارتي نظام  ڏانهن وٺي وڃڻ به شامل هو.ٻئي پاسي عمران خان پنهنجن سياسي مخالفن کان انتقام وٺڻ لاءِ فوج کي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. هن ڪجهه فوجي آفيسرن سان ذاتي لاڳاپا قائم ڪري ورتا جيڪي باجوه کي ڏٺي نه وڻندا هئا. 2019ع ۾ باجوه پنهنجي ملازمت جي مدي ۾ واڌ حاصل ڪرڻ بعد عمران خان کي اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيون. ٻنهي ۾ اختلافن ان وقت شدت اختيار ڪئي، جڏهن باجوه فيض حميد کي آءِ ايس آءِ جي سربراهي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ عمران خان اهو فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. آرمي چيف ۽ وزيراعظم جي اختلافن جو مخالفن فائدو ورتو ۽ بي اعتمادي جي رٿ ذريعي عمران خان کي حڪومت مان نيڪالي ڏئي ڇڏي.عمران خان جي حڪومت جو خاتمو اپريل 2022ع ۾ ٿيو پر کيس يقين هو ته ” پراجيڪٽ عمران خان “ ختم ناهي ٿيو ۽ تمام جلد هو واپس اقتدار ۾ اچي ويندو، ” پراجيڪٽ عمران خان “ جي خاتمي جو يقين کيس 9 مئي 2023ع تي آيو جڏهن رينجرز عمران خان کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي احاطي مان تذليل جوڳي انداز ۾ گرفتار ڪيو، ائين پهريون دفعو نه ٿيو هو، ماضي ۾ به ڪيئي سياستدان عدالتن مان گرفتار ڪيا ويا پر عمران خان جي گرفتاري تي سندس پارٽي جيڪو ردعمل ڏيکاريو ان جو مثال پهريان موجود نه هو. اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي جي تختي تي لٽڪايو ويو پر پيپلز پارٽي جرنيلن جي گهرن تي حملا نه ڪيا.  نواز شريف بار بار گرفتار ٿيو پر جي ايڇ ڪيو تي چڙهائي نه ٿي، عمران خان جي گرفتاري تي سندس پارٽي فوج خلاف باظابطا جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو. تحريڪ انصاف جو ردعمل هڪ سياسي پارٽي جو ردعمل نه هو پر اهڙي فين ڪلب جو ردعمل هو جو جيڪو هڪ شدت پسند فرقي ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. اهو فين ڪلب پاڻ کان سواءِ ڪنهن کي صحيح نٿو سمجهي، تحريڪ انصاف جي ردعمل ۾ تمام گهڻي شدت حقيقت ۾ ان تربيت جو نتيجو آهي جيڪا پارٽي قيادت پنهنجن بيانن ذريعي ڪئي. جيسيتائين فوجي جرنيل عمران خان جا سياسي مددگار هئا ته عمران خان انهن جرنيلن جا ڳڻ ڳائيندو هو، جڏهن جرنيلن منهن موڙي ورتو ته عمران خان سندن نالا کڻي کين ڊيڄارڻ لڳو.اوهان کي ياد هوندو جڏهن عمران خان وزيراعظم هو ته تحريڪِ لبيڪ وارن کي ڌمڪي جوڳي انداز ۾ چوندو هو ته خبردار! رياست سان نه ٽڪرائجو ٻي صورت ۾ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندئو. اڄ سندس پارٽي رياست سان ٽڪرائي رهي آهي ته تحريڪ انصاف جا ڪيئي اڳوان گم ٿي ويا آهن. سياستدانن جي گرفتاري تي اهڙي قسم جو ردعمل نه اچڻ گهرجي جو گرفتاري کي زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻائي ڇڏجي. هي سياسي اڻ تجريبڪاري جي انتها آهي تحريڪ انصاف وارن پهريان ته سوشل ميڊيا تي گار گند ذريعي سياسي اختلاف کي ذاتي دشمينن ۾ تبديل ڪيو ۽ وري عمران خان جي گرفتاري تي ڀڃ ڊاهه ذريعي رياستي ادارن ۾ پنهنجي ڪيترائي همدرد وڃائي ڇڏيا. عمران خان کي سدائين جيل ۾ ناهي رهڻو. آصف زرداري، شهباز شريف، مولانا فضل الرحمان، اختر مينگل ۽ علي وزير سميت کوڙ سياستدان جيلن مان واپس اچي سگهن ٿا ته عمران خان به واپس ايندو پر جيل ۾ کيس سوچڻ گهرجي ته سندس گرفتاري تي تحريڪ انصاف جيڪا ڏک ۽ ڪاوڙ ڏيکاري  ان جو عمران خان کي فائدو ٿيو يا نقصان؟ . اڄ تحريڪ انصاف جي مخالفن کي اهو چوڻ جو موقعو ملي ويو آهي ته هي ڪا سياسي جماعت نه پر هڪ دهشتگرد تنظيم آهي جنهن تي پابندي لڳائڻ گهرجي. مان سياسي جماعتن پابندين جي حق ۾ ناهيان، سياسي پارٽين تي پابنديون لڳائڻ کان اڳ انهن رٽائرڊ جرنيلن خلاف ڪارروائي ڪريو جن ” پراجيڪٽ عمران خان “ ذريعي پاڪستان جي آئين ۽ قانون جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا. ڪاش، عمران خان سياست ۾ فوج جي مداخلت ختم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري ها پر افسوس جو حڪومت مان نڪرڻ بعد سندس ڪوشش اها هئي ته فوج کيس ٻيهر اقتدار ۾ آڻي ۽ ان مقصد لاءِ هن ڪجهه جرنيلن جا نالا کڻي کين بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس واحد ڪاميابي اها آهي ته هن ڏاڍي خوبصورتي سان پنهنجي ناڪامين تي پردو وجهڻ لاءِ فوج سان ويڙهه جو ڊرامو راچايو. اميد آهي ته جيل مان واپس اچي هو تحريڪ انصاف کي فين ڪلب مان هڪ باظابطا سياسي جماعت بڻائڻ تي ڌيان ڏيندو. سياستدانن کي فوج جي مدد سان اقتدار حاصل نه ڪرڻ گهرجي ۽ فوج کي سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ کپي ٻي صورت ۾ اهو ئي نقصان ٿيندو جيڪو ” پراجيڪٽ عمران خان “ پاڪستان کي پهچايو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.