پاڪ فوج جي پڌرائي نفرت ۽ انتقام تي ٻڌل بيانيي جو مجموعو آهي: پي ٽي آءِ
لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان اداري (آءِ ايس پي آر) جي جاري ڪيل پڌرائيءَ تي تحريڪ انصاف بيان جاري ڪيو آهي. تحريڪ انصاف طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اها پڌرائي پاڪستان جي سڀ کان معتبر، مقبول ۽ وڏي سياسي جماعت خلاف نفرت ۽ انتقام تي ٻڌل بيانيي جو افسوسناڪ مجموعو آهي. پي ٽي آءِ موجب 9 مئي تي تحريڪ انصاف چيئرمين جي هاءِ ڪورٽ مان اغوا کانپوءِ عوامي ردعمل گهڻن عملن سان جڙيل آهي، جنهن جي عمران خان 13 مهينن کان نشاندهي ڪندو آيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف پنهنجي ساک، نظريي ۽ منشور جي اعتبار سان هڪ جمهوري جماعت آهي، اسان پرامن، آئين ۽ قانون جا ڪاربند رهندي مقصد حاصل ڪرڻ تي يقين رکون ٿا. پارٽي چيو آهي ته تحريڪ انصاف مارشل لا ذريعي دستور کي جزوي طور تي معطل ڪرڻ جي مزاحمت ڪئي آهي، گڏوگڏ ڌانڌلي ۽ چونڊن ۾ مداخلت ذريعي عوام جي حق تي ڌاڙا هڻڻ جا به سخت مخالف رهيا آهيون.