My WordPress Blog

مان گرفتار هيس ته پرتشدد مظاهرن جو ذميوار ڪيئن ٿيس؟ عمران خان

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گرفتاري غير قانوني قرار ڏيندي کيس فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي عمران خان چيو ته هتي ميڊيا موجود آهي، مان پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو، مان ته گرفتار هيس، پرتشدد مظاهرن جو ذميوار ڪيئن ٿيس؟هن چيو ته مان ڪڏهن ڏڦيڙ جي ڳالهه نه ڪئي، ملڪ ۾ رڳو چونڊون چاهيون ٿا، سڀني کي چوڻ چاهيان ٿو ته سرڪاري ۽ عوامي ملڪيتن کي نقصان نه پهچائين. سندس چوڻ هو ته مون کان موبائل فون ورتي وئي، خبر ناهي ته ملڪ ۾ ڇا ٿيو، ملڪ ۾ ڪو نقصان چاهيون ٿا نه ڏڦيڙ، اسان رڳو چونڊون چاهيون ٿا. عمران خان ڪارڪنن کي پرامن رهڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته مان نيب نوٽيس جو جواب ڏنو هو، ملڪ ۾ آزاد چونڊون چاهيون ٿا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.