عمران خان جي آزادي تي مريم نواز جو سخت ردعمل
لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي آزادي تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال کي پي ٽي آءِ جوائن ڪرڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته چيف جسٽس صاحب کي اڄ قومي ناڻي کي 60 ارب رپيا هڙپ ڪندڙ وارداتي سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ ان کان وڌيڪ خوشي کيس ان ڏوهه ۾ آزاد ڪري ٿي. هن چيو ته ملڪ جي اهم ترين ۽ حساس ملڪيتن تي حملن جو سڀ کان وڏو ذميوار چيف جسٽس آهي، جيڪو فتني جي ڍال بڻيل آهي ۽ ملڪ ۾ ٻريل باهه تي تيل هاري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته توهان چيف جسٽس جو عهدو ڇڏي ڏيو ۽ پنهنجي سَس جيان تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪيو.