شاهين آفريدي جو مُلڪ جي موجودا صورتحال تي ردعمل
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ سموري مُلڪ ۾ ٿيل هنگامن تي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي ڏُک جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽري تي جاري ڪيل هڪ پيغام ۾ هن پاڻ سڳورن صلعم جي چيل لفظن جي چونڊ ڪئي. هن ٽوئيٽ ۾ لکيو ته” اسان جي پياري نبي ﷺ چيو هوته مومنن کي پاڻ ۾ هڪٻئي سان محبت ۽ همدردي جو مثال هڪ جسم وانگر آهي، جڏهن ان جو ڪو حصو تڪليف ۾ هوندو آهي ته، سڄو جسم تڪليف محسوس ڪندو آهي“.فاسٽ بالر وڌيڪ لکيو ته ” بس اهو ياد رکجو ته پاڪستان آهي ته اسان آهيون“ . ان سان گڏوگڏ ڪرڪيٽر” امن “ جو هيش ٽيگ پڻ استعمال ڪيو، ان کانسواءِ شاهين آفريدي پنهنجي پروفائيل تي عمران خان تصوير رکي اڻ سڌي طرح عمران خان جي حمايت جو اعلان ڪيو هو. شاهين شاهه فيسبوڪ ۽ ٽوئيٽر اڪائونٽن تي پنهنجي عمران خان سان گڏ تصوير اَپ لوڊ ڪئي جڏهن ته ان تي ڪنهن به قسم جو ڪيپشن ناهي لکيو .