شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ فواد چوڌري اڊيالا جيل منتقل
لاهور (ويب ڊيسڪ) پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻن کي اڊيالا جيل منتقل ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب پوليس پي ٽي آءِ جي گرفتار ٽن اڳواڻن شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ فواد چوڌري کي اڊيالا جيل منتقل ڪيو آهي. پوليس پي ٽي آءِ جي ٽنهي اڳواڻن کي گذريل ڏينهن امن ۾ خلل وجهڻ جي خدشن سبب ٿري ايم پي او تحت گرفتار ڪيو هو. اسد عمر کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ فواد چوڌري کي سپريم ڪورٽ جي احاطي مان، جڏهن ته شاهه محمود قريشي کي جي بي هائوس مان گرفتار ڪيو ويو هو.