سپريم ڪورٽ عمران خان جي گرفتاري غير قانوني قرار ڏئي ڇڏي، فوري طور آزادي جو حڪم
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گرفتاري غير قانوني قرار ڏيندي سندس فوري طور آزادي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت عظميٰ هاءِ ڪورٽ کي حڪم ڏنو ته سڀاڻي ڪيس جي ٻيهر ٻڌڻي ڪري فيصلو جاري ڪيو وڃي. تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري طرفان داخل درخواست تي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ محمد علي مظهر ۽ جسٽس اطهر من الله تي ٻڌل 3 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي ۽ تحريڪ انصاف چيئرمين جي القادر ٽرسٽ ۾ گرفتاري کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ عمران خان کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ڪيس جي ٻڌڻي ڪرڻ ۽ فيصلو جاري ڪرڻ جي هدايت به ڪئي. واضح رهي ته تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري عمران خان جي گرفتاري کي سپريم ڪورٽ ۾ گذريل ڏينهن چئلينج ڪيو هو. فواد چوڌري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته عمران خان جي گرفتاري غير قانوني آهي، عمران خان جي گرفتاري قانوني قرار ڏيڻ جو هاءِ ڪورٽ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. چيف جسٽس چيو ته عمران خان کي جتان گرفتار ڪيو ويو، اتان سموري ڪارروائي ٻيهر شروع ڪئي وڃي، جيڪا ڀڃ ڊاهه ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان ٿيو، ان تي عدالت گهڻي سنجيده آهي. عدالت چيو ته عمران خان کي جنهن طريقي سان گرفتار ڪيو ويو، ان جو دفاع ممڪن ناهي. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمران خان کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عمران خان کي 15 گاڏين تي ٻڌل سيڪيورٽي قافلي ۾ سپريم ڪورٽ آندو ويو، کيس عدالتي ڪمري ۾ پهچائڻ کانپوءِ عدالتي ڪمرو بند ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي عدالت ٻاهران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا.