My WordPress Blog

سرڪاري ۽ فوجي عمارتن کي پهچندڙ نقصان جي مذمت ڪيان ٿو: صدر عارف علوي

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي چيو آهي ته سرڪاري ۽ فوجي عمارتن کي نقصان پهچائڻ جي مذمت ڪيان ٿو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ صدر عارف علوي چيو ته احتجاج هر پاڪستاني جو آئيني حق آهي پر احتجاج سدائين قانون جي دائري ۾ رهي ڪرڻ گهرجي، انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو عمل جيءُ جهوريندڙ ۽ افسوسناڪ آهي. هن چيو ته ڪجهه شرپسندن سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو، سرڪاري ۽ فوجي عمارتن کي نقصان پهچائڻ جي مذمت ڪيان ٿو. سندس چوڻ هو ته اسان کي ڏاڍ ۽ گرفتارين بدران معاملن جو سياسي حل ڳولڻو پوندو، مان سياسي ۽ عسڪري قيادت کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.