My WordPress Blog

اڄ کانپوءِ ڪنهن کي به عدالت مان گرفتار نه ڪيو ويندو: چيف جسٽس جو وڏو حڪم

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال اڄ کانپوءِ ڪنهن کي به عدالتي احاطي مان گرفتار ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ عمران خان جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان گرفتاري جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت عمران خان جي گرفتاري غير قانوني قرار ڏيندي کيس فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، سيڪيورٽي خدشن جي بنياد تي عمران خان کي عدالت تي حڪم تي پوليس لائنز جي گيسٽ هائوس ۾ رکيو ويندو. ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس حڪم ڏنو ته عدالتي احاطي مان اڄ کانپوءِ ڪنهن کي به گرفتار نه ڪيو ويندو، سيڪيورٽي جا ميمبر رجسٽرار جي اجازت کانپوءِ ئي عدالتن ۾ داخل ٿي سگهندا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.