ڪراچي ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ بدامني پکيڙيندڙ 250 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس ڀڃ ڊاهه ۽ بدامني پکيڙيندڙ 250 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب جوابدار جوابدارن ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جو وڏو انگ شامل آهي، جڏهن ته احتجاج دوران بس ساڙيندڙ ٻه جوابدار به پڪڙيا ويا آهن. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان جوابدارن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي، جوابدارن خلاف دهشتگردي ٽوڙ قلمن تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.