ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ٻن ڏينهن لاءِ بند
لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ ڪاليج ۽ يونيورسٽيز کي وڌيڪ ٻن ڏينهن لاءِ بند ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ پنجاب ۾ امن امان جي فضا برقرار رکڻ لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ شرپسند عنصرن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ سڄي پنجاب جا ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز ٻن ڏينهن لاءِ بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ميڊيڪل ڪاليجز کليل رهندا، اسڪول بند رهندا يا کليل رکڻا آهن، ان بابت فيصلو اڄ ڪيو ويندو.