My WordPress Blog

پي ٽي آءِ تي پابندي جو امڪان آهي؟

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ ملڪ ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي ۽ مختلف اهڙيون آڊيوز سامهون آهن جن ۾ پي ٽي آءِ جا اڳواڻ توڻي ٽڪيٽ هولڊر ڪارڪنن کي حملن جون هدايتون ڏيندي ٻڌي سگهجن ٿا. ان حوالي سان وفاقي ڪابينا جو اڄ اجلاس به ٿيو هو جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. ڪجهه ڏينهن کان اهي به ڳالهيون هلي رهيون هيون ته ڇا تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائي ويندي؟ان حوالي سان تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا هن وقت اهڙو ڪو فيصلو ناهي ڪيو، اصل مسئلو قانون تي عمل ڪرائڻ آهي. ٻئي پاسي آءِ ايس پي آر پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڪالهوڪو ڏينهن ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو ۽هاڻي سختي سان منهن ڏنو ويندو. ياد رهي ته حڪومت اسلام آباد ۾ فوج کي طلب ڪري ورتو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.