پشاور: پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ جهڙپون، 4 ڄڻا فوت
پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ پوليس ۽ تحريڪ انصاف ڪارڪنن ۾ جهڙپن دوران 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. پشاور جي شير شاهه روڊ تي پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ جهڙپون ٿيون، ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي ڪجهه ڪارڪنن کي هٿيار کنيل هئا ۽ اهي فائرنگ ڪري رهيا هئا، جڏهن ته پوليس طرفان به فائرنگ ڪئي وئي. پي ٽي آءِ جي مڇريل ڪارڪنن ايمبولينس کي روڪي مريض کي لاهي ڇڏيو ۽ ايمبولينس کي باهه ڏئي ڇڏي، احتجاج ڪندڙن ريڊيو پاڪستان جي عمارت تي به ڪاهه ڪئي ۽ اندر گهڙي ڀڃ ڊاهه سان گڏ باهه به ڏني. ليڊي ريڊنگ اسپتال جي ترجمان موجب اسپتال ۾ هيل تائين 4 لاش ۽ 27 زخمي آندا ويا آهن.