My WordPress Blog

نيب بشريٰ بي بي ۽ زلفي بخاري جي گرفتاري جي به اجازت گهري ورتي

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ زلفي بخاري جي گرفتاري جي به اجازت گهري ورتي. نيو گيسٽ هائوس پوليس لائنز ۾ عمران خان خلاف القادر ٽرسٽ ڪيس جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج محمد بشير ڪئي، جنهن سلسلي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جا وڪيل علي بخاري، خواجا حارث ۽ بئريسٽر گوهر عدالت ۾ پيش ٿيا. نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي اپيل ڪئي ته بشريٰ بي بي ۽ زلفي بخاري کي به گرفتار ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن القادر ٽرسٽ ڪيس جي جاچ ڪري سگهجي. واضح رهي ته عدالت نيب طرفان جسماني رمانڊ جي اپيل منظور ڪندي عمران خان جو 8 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي 17 مئي تي کيس ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.