”جيڪو ڪم 75 سالن ۾ دشمن نه ڪيو، اهو اقتدار جي هوس ۾ مبتلا هڪ سياسي گروهه ڪري ڏيکاريو“
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج فوجي ملڪيتن کي نشانو بڻائڻ جي قدمن کي تاريخ ۾ ڪارو باب قرار ڏيندي چيو آهي ته منظم طريقي سان فوجي ملڪيتن تي حملا ڪيا ويا، 9 مئي کي ڪاري باب طور ياد رکيو ويندو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي اسلام آباد ڪورٽ مان قانون موجب حراست ۾ ورتو ويو، جنهن کانپوءِ شرپسند عنصرن فوج خلاف مهم هلائي ۽ عوام کي اڪسائڻ جي ڪوشش ڪئي، 9 مئي جي ڏينهن کي هڪ ڪاري باب طور ياد رکيو ويندو. بيان موجب هڪ پاسي اهي شرپسند عنصر ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي فوج جي اهميت کي اجاڳر ڪندا آهن ته ٻئي پاسي هي رويو ٻٽي معيار جو اعليٰ مثال آهي، جيڪو ڪم ملڪ جو ابدي دشمن 75 سالن ۾ نه ڪري سگهيو، اهو اقتدار جي هوس ۾ مبتلا هڪ سياسي لباس اوڙهيل ان گروهه ڪري ڏيکاريو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته پنهنجي ساک جي پرواهه نه ڪندي فوج بردباري جو مظاهرو ڪندي صبر ۽ برداشت کان ڪم ورتو، ڇو ته رٿابندي تحت صورتحال رڳو ان ڪري پيدا ڪئي وئي هئي ته فوج پنهنجو سخت ردعمل ڏيندي ۽ پوءِ ان کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهبو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي جي سنجيده قدمن ۽ صبر جي مظاهري سان اها سازش ناڪام ٿي ۽ اسان چڱي ريت ڄاڻون ٿا ته ان سڄي منصوبي پويان پارٽي جا ڪجهه شرپسند اڳواڻ هئا، جن هدايتون اڳ ئي جاري ڪيون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيڪي سهولتڪار، منصوبي ساز انهن ڪارروائين ۾ ملوث آهن، انهن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي ۽ انهن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، اهي سمورا شرپسند عنصر هاڻ نتيجن جا ذميوار پاڻ هوندا. آءِ ايس پي آر جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته فوجي ۽ رياستي ملڪيتن تي ڪنهن به قسم جي حملي جي صورت ۾ سخت ردعمل ڏنو ويندو، جنهن جي ذميواري مڪمل طور ان ٽولي تي هوندي، جيڪو پاڪستان کي گهرو ويڙهه ڏانهن ڌڪڻ چاهي ٿو ۽ ڪيترائي ڀيرا ان جو اظهار به ڪري چڪو آهي، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ ۽ عوام کي اڪسائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.