My WordPress Blog

حڪومت شرپسندن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪري: مريم نواز

0

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عوام پي ٽي آءِ جي تخريبي سياست کي رد ڪري ڇڏيو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته فتني جي گرفتاري کانپوءِ پاڪستان ۾ ڪٿي به عوام ٻاهر نه نڪتو، رڳو اهي تربيت يافته ماڻهو ٻاهر نڪتا، جن کي زمان پارڪ ۾ ٽريننگ ملندي هئي. هن چيو ته سامهون ايندڙ آڊيوز سان ثابت ٿي ويو ته تخريبڪاري جو منصوبو عمران خان پاڻ ٺاهيو هو، انهن ملڪيتن کي نشاني تي رکيو ويو هو، جتي گرفتاري جي صورت ۾ حملو ڪرڻو هو. سندس موجب عوام ڪنهن به احتجاج جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ تحريڪ انصاف جي انهن دهشتگردن کي پنهنجي اکين سان ڏسي ورتو، اهو عمران خان جي تخريبي سياست جي منهن تي وڏو موچڙو آهي، حڪومت انهن شرپسندن سان ڪنهن قسم جي رعايت نه ڪري.

Leave A Reply

Your email address will not be published.