My WordPress Blog

جي ايڇ ڪيو تي حملي جو ڪيس داخل، راجا بشارت سميت ڪيترائي نامزد

0

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي پوليس جنرل هيڊ ڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) جي گيٽ تي حملي جو ڪيس داخل ڪري ورتو، ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير راجا بشارت سميت ڪيترائي ڪارڪن نامزد ڪيا ويا آهن. جي ايڇ ڪيو جي گيٽ تي حملي جو ڪيس آر اي بازار ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير راجا بشارت سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن کي نامزد ڪيو ويو آهي ۽ ڪيس ۾ دهشتگردي سميت 9 قلم شامل ڪيا ويا آهن. ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن گذريل ڏينهن جي ايڇ ڪيو گيٽ نمبر هڪ تي حملو ڪيو، ڀڃ ڊاهه ڪئي، جوابدار پيٽرول بمن سان ليس هئا، اهي فوج خلاف نعريبازي ڪندا رهيا. جوابدار اڳوڻي صوبائي وزير راجا بشارت جي قيادت ۾ جي ايڇ ڪيو عمارت جا شيشا ٽوڙيا ۽ راجا بشارت سميت 15 جوابدارن خلاف ڪيس پوليس جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.