My WordPress Blog

اسلام آباد: ٽيريان وائيٽ ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان خلاف محمد ساجد جي نااهلي درخواست تي 30 مارچ تي فيصلو محفوظ ٿيو. ان ۾ چيو ويو ته ڪاز لسٽ جاري ٿيڻ ۽ ڌرين کي اطلاع ڏيڻ کانسواءِ ٻن ججز جي راءِ اپ لوڊ ڪئي وئي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيل ٻن ججز جي راءِ عدالتي فيصلو ناهي، ڪيس بابت ٻن ججز جي اپ لوڊ راءِ رولز ۽ روايتن جي خلاف آهي. پڌرائي موجب ڪيس کي ٻيهر ٻڌڻي لاءِ چيف جسٽس طرفان نئين بينچ جوڙي پئي وڃي. اهو به چيو ويو آهي ته ويب سائيٽ تي ڪاز لسٽ کانسواءِ ججز جي راءِ اپ لوڊ ڪرڻ جي ذميوارن خلاف ايڪشن ورتو ويندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.