پي ٽي آءِ هاڻ ڇا ڪندي؟ شاهه محمود قريشي ٻڌائي ڇڏيو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عمران خان جي هدايت سامهون رکندي حڪمت عملي جو اعلان ڪندس. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته اسلام آباد وڃي رهيو آهيان، سينيئر ليڊرشپ ۽ 6 رڪني ڪميٽي جو اجلاس گهرايو آهي. هن چيو ته عوام کي نڪرڻو پوندو ۽ هن چور ٽولي جو مقابلو ڪرڻو پوندو، سڀني کي چوان ٿو ته گهرن مان نڪرو، اسان کي ڪنهن تي حملو ناهي ڪرڻو ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان ناهي پهچائڻو. سندس چوڻ هو ته اسان کي پرامن جدوجهد ڪرڻي آهي، ان جبر خلاف سڄي ملڪ ۾ نڪرڻو پوندو، عمران خان جي هدايت سامهون رکندي حڪمت عملي جو اعلان ڪندس.