My WordPress Blog

پي ٽي آءِ جو احتجاج، آءِ جي سنڌ وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته صوبي ۾ امن امان خراب ٿيڻ نه ڏينداسين.تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گرفتاري تي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن احتجاج ڪيو آهي. ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي عمران خان جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي مڇريل ماڻهن روڊ بند ڪري ڇڏيو ۽ ڀڃ ڊاهه به ڪئي. ان حوالي سان آءِ جي سنڌ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسان سخت ايڪشن لاءِ حڪمت عملي جوڙي آهي، ڪنهن کي امن امان خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي غلام نبي ميمڻ چيو ته قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس کي الرٽ ڪيو ويو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.