مون کي ڪوڙ ڳالهائڻ جي ضرورت ناهي: عمران خان جو آءِ ايس پي آر جي بيان تي رد عمل
سلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان آءِ ايس پي آر جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته کيس ڪوڙ ڳالهائڻ جي ضرورت ناهي. اسلام آباد روانگي کان اڳ ڳالهائيندي عمران خان جو چوڻ هو ته هن وقت قوم جي سڀ کان وڏي پارتي جو سربراهه آهيان ۽ 50 سالن کان قوم مون کي سڃاڻي ٿي، مون کي ڪوڙ ڳالهائڻ جي ضرورت ناهي،هي منهنجي فوج ۽ پاڪستان آهي. هن چيو ته ڪنهن وٽ وارنٽ آهي ته سڌو مون وٽ کڻي اچي منهنجا وڪيل هوندا ۽ مان پاڻ ئي جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيان. اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته مهرباني ڪري ڪو ڊرامو نه ڪريو ۽ وارنٽ کڻي اچو، مون تي ڪو ڪيس ناهي، مان ذهني طور تي گرفتاري لاءِ تيار آهيان، جيڪڏهن مون کي جيل موڪلڻو آهي ته وڃڻ لاءِ تيار آهيان جڏهن ته ٿي سگهي ٿو ته قوم ايتري وڌيڪ روڊن تي نه نڪري. هن وڌيڪ چيو ته جي آءِ ٽي تي راتاهو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ سي ٽي ڊي جي چئن ماڻهن پنهنجو بيان تبديل ڪيو، پراسيڪيوٽر جنرل انويسٽيگيٽ ڪيو، هن چيو ته ان خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.