My WordPress Blog

عمران خان خلاف باقاعده جاچ شروع

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عمران خان کي نيب پاران گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ رينجرز اهلڪارن عمران خان کي گرفتار ڪري نيب راولپنڊي منتقل ڪيو هو. نيب پاران اهڙي پڌرائي به جاري ڪئي وئي هئي ته عمران خان کي قانون موجب گرفتار ڪيو ويو آهي. عمران خان جو طبي معائنو به ڪيو ويو هو ۽ ٻڌايو پيو وڃي ته هڪ هفتو اڳ ئي عمران خان جي گرفتاري لاءِ ڪمرو تيار ڪيو ويو هو. نب پاران گرفتار وارنٽ اڳ ئي جاري ڪيا ويا هئا ۽ اڄ عمران خان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته وارنٽ کڻي اچو مان گرفتاري لاءِ تيار آهيان. نيب پاران اهڙا وارنٽ به ڏيکاريا ويا آهن.هاڻي عمران خان کان باقاعده جاچ جي شروعات ڪئي وئي آهي. پهريون ڀيرو کانئس پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.