عمران خان جي گرفتاري جي معاملي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلو محفوظ ڪري ورتو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گرفتاري قانوني آهي يا نه؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلو محفوظ ڪري ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خانج ي ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته ڊي جي نيب عرفان بيگ ۽ ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب سردار مظفر پيش ٿيا. چيف جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته نيب عام طور تي وارنٽس تي عمل ڪيئن ڪندو آهي؟ جواب ۾ سردار مظفر چيو ته اسان گهرو وزارت کي چيو هو ته وارنٽ تي عمل ڪرايو. چيف جسٽس سوال ڪيو ته ڪمپائونڊ مان ڪيل گرفتاري اثرائتي رهي سگهي ٿي؟ سردار مظفر چيو گرفتاري لاءِ سمورا طريقا اختيار ڪري سگهجن ٿا. چيف جسٽس چيو منهنجو سوال هن وقت اهو آهي ته گرفتاري قانوني آهي يا نه؟ ڇا نيب هر ڪيس ۾ ائين ئي ڪندو آهي جيئن اڄ ڪيو ويو آهي؟ اڳ توهان سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس ۾ ائين ڪيو هو. جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته ڇا عدالتن سان به ائين ڪري سگهجي ٿو؟ جواب ۾ خواجا حارث چيو ته ان ڪيس ۾ عدالت جوابدارن کي فري ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته سردار مظفر چيو گرفتاري پاڪستان ۾ ڪنهن به جاءِ تي ٿي سگهي ٿي، قانون موجب گرفتاري وقت دري يا در به ڀڃي سگهجي ٿو، چيف جسٽس چيو پر عدالتن کي ته سمجهيو ويندو هو ته انهن جو هڪ وقار آهي. خواجا حارث نيب جو رڪارڊ پيش ڪيو ۽ چيو ته نيب کان پڇو انڪوائري انويسٽيگيشن ۾ ڪڏهن تبديل ٿي؟ نيب پابند هو ته اسان کي انڪوائري رپورٽ فراهم ڪري ها، نيب کي لکيو ته توهان کي سيڪشن 18 تحت انڪوائري رپورٽ ڏيڻي آهي، نيب جي اهڙي بدنيتي اڳ ڪڏهن سامهون نه آئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪندي ريمارڪس ڏنا ته عمران خان جي گرفتاري قانوني آهي يا نه؟ مناسب حڪم جاري ڪنداسين.