My WordPress Blog

عمران خان جي گرفتاري، ڪارروائي ڪرڻي پئي ته وزيراعظم، وزيرن خلاف به ٿيندي: جسٽس عامر فاروق

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گرفتاري جو نوٽيس وٺي ڇڏيو. عمران خان جي گرفتاري تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي ۽ چيف جسٽس عامر فاروق ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت گهرو سيڪريٽري جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو ڪهڙي ڪيس ۾ گرفتاري ڪئي وئي؟ ڪارروائي ڪرڻي پئي ته وزيراعظم ۽ وزيرن خلاف به ٿيندي. آءِ جي اسلام آباد نيب جي وارنٽ جي ڪاپي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪئي. عمران خان جي وڪيل چيو ته تحريڪ انصاف چيئرمين کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.