My WordPress Blog

سموري مُلڪ ۾ اسڪول بند رکڻ جو اعلان!

0

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مُلڪ ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري بعد پرتشدد مظاهرن ۾ واڌ بعد سڀاڻي اسڪول بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. واضح رهي  ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري بعد مُلڪ ۾ سياسي گرمي پد وڌي ويو آهي ۽ سموري مُلڪ ۾ پرتشدد  مظاهرا شروع ٿي ويا آهن، پي ٽي آءِ ڪارڪنن ڀڃ ڊاهه شروع ڪري ڇڏي آهي. ٻئي پاسي آل پاڪستان پرائيويٽ اسڪولز فيڊريشن سڀاڻي سموري مُلڪ ۾ اسڪول بند رکڻ جو اعلان  ڪيو آهي. آل پاڪستان پرائيويٽ اسڪولز فيڊريشن جي صدر ڪاشف مرزا طرفان چيو ويو آهي ته پرائيويٽ اسڪولز ريگولر ڪلاسز شيڊول جو ايندڙ اعلان سڀاڻي صلاح مشوري کان پوءِ جاري ڪيو ويندو. ان سان گڏوگڏ شاگردن، استادن، اسٽاف ۽ اولدين کان هنگامي صورتحال کي نظر ۾ رکندي احتياطي اپاءَ اختيار ڪرڻ اپيل پڻ ڪئي آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.