My WordPress Blog

اڳوڻو وزيراعظم عمران خان نيب ڪيس ۾ گرفتار

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي گرفتار ڪري ورتو.پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان عسڪري ادارن بابت بيان بازي سميت ٻين ڪيسن ۾ ضمانت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو هو جتي رينجرز جي ڳري نفري عمران خان کي حراست ۾ ورتو. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان کي القادر ٽرسٽ جي نيب ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ نيب عملدارن وٽ سندس گرفتاري جا وارنٽ موجود هئا.آءِ جي اسلام آباد جو چوڻ آهي ته عمران خان کي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، اسلام آباد ۾ قلم 144 لاڳو آهي، ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ڪئي ويندي.هن چيو ته عمران خان کي نيب راولپنڊي منتقل ڪيو ويو جتي سندس طبي معائنو ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان جي گرفتاري جون اڳ تياريون هيون ۽ سندس لاءِ هڪ هفتو اڳ ئي ڪمرو تيار ڪيو ويو هو.عمران خان جي گرفتاري جي وقت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ۽ وڪيل هٿين پئجي ويا جنهن سبب پوليس اهلڪار ۽ وڪيل زخمي به ٿيا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق عمران خان جي گرفتاري تي پيش آيل واقعي جو نوٽيس ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق آءِ جي اسلام آباد ۽ گهرو سيڪريٽري کي 15 منٽن ۾ طلب ڪيو ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل کي به 15 منٽن ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي.چيف جسٽس هدايت ڪئي ته هدايتون وٺي فوري ٻڌايو ته اهو ڪم ڪنهن ڪيو آهي؟جسٽس عامر فاروق چيو ته ڪارروائي ڪرڻي پئي ته وزيراعظم ۽ وزيراعظم خلاف به ٿيندي. قومي احتساب بيورو طرفان عمران خان جا گرفتاري وارنٽ پهرين مئي تي جاري ٿيا هئا، عمران خان جا وارنٽ نيب چيئرمين جي صحيح سان جاري ٿيا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.