ڳجهون ايجنسيون ججن جي مقرريءَ کي ڪيئن ڪنٽرول ڪري سگهن ٿيون؟: جسٽس اطهر من الله
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پارلياماني ڪميٽي ذريعي ججن جي مقرريءَ وارو معاملو سُپريم ڪورٽ پهچي ويو. سپريم ڪورٽ ۾ طارق آفريدي کي پشاور هاءِ ڪورٽ جو ايڊيشنل جج مقرر نه ڪرڻ جي درخواست ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران وڪيل حامد خان دليل ڏيندي چيو ته جوڊيشل ڪميشن طارق آفريدي کي پشاور هاءِ ڪورٽ جو ايڊيشنل جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. هن چيوته جوڊيشل ڪميشن جي سفارش باوجود طارق آفريدي کي ايڊيشنل جج نه ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته پارلياماني ڪميٽيءَ طارق آفريدي جي انٽيليجنس ايجنسيز جي رپورٽ تي نامزدگي رد ڪئي، رپورٽ موجب طارق آفريدي ساک سٺي ناهي. جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته انٽيليجنس ايجنسيز ججن جي مقرريءَ کي ڪيئن ڪنٽرول ڪري سگهي ٿي؟، ائين ڪرڻ سان عدليا جي آزادي تي اثر پوندو، پارلياماني ڪميٽي پيشيوراڻين صلاحيتن جي بدران انٽيليجنس رپورٽ جي روشني ۾ فيصلو ڪيو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيوپ ته عدالت معاملي جي قانوني حيثيت جو جائزو وٺندي، ڇا پارلياماني ڪميٽي جوڊيشل ڪميشن جون سفارشون رد ڪري سگهي ٿي؟، اٽارني جنرل کي عدالت جي مدد لاءِ گهرائي ٿا وٺون. سُپريم ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي اٽارني جنرل کي عدالتي مدد لاءِ طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي هڪ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي.