My WordPress Blog

پي اي سي جسٽس مظاهر جي آمدني ۽ اثاثن جا تفصيل طلب ڪري ورتا

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) سپريم ڪورٽ جي جسٽس مظاهر نقوي جي آمدني ۽ اثاثن جا تفصيل 15 ڏينهن ۾ طلب ڪري ورتا. چيئرمين نور عالم خان جي صدارت هيٺ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي جي 14 مان 13 ميمبرن جسٽس مظاهر نقوي جي اثاثن جي ڇنڊ ڇاڻ جي اجازت ڏني پر رڳو پي ٽي آءِ سينيٽر محسن عزيز جج جي اثاثن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جي مخالفت ڪئي. ان موقعي تي نور عالم خان چيو ته اهو جسٽس مظاهر يا ڪنهن ايڪس واءِ جو ايشو ناهي، اهو ڪرپشن جو مسئلو آهي، تنهن ڪري نه ڇڏيندس، جيڪڏهن منهنجي ڀيڻ، ڌيءَ يا ٻارن جا به اثاثا آمدني کان وڌيڪ آهن ته پوءِ پيڇو ڪندس. پي اي سي جسٽس مظاهر نقوي جي آمدني ۽ اثاثن جا تفصيل 15 ڏينهن ۾ طلب ڪري ورتا، جسٽس مظاهر نقوي جي ٽيڪس ريٽرن ۽ ويلٿ اسٽيٽمينٽ جو رڪارڊ به ورتو ويو. ڪميٽي هائوسنگ وزارت کان جسٽس مظاهر نقوي کي ڏنل پلاٽن جا تفصيل ۽ کپايل زمينن يا پلاٽن جو رڪارڊ ۽ ٻاهرئين ملڪ سفر جي هسٽري به طلب ڪري ورتي. ڪميٽي چيئرمين هدايت ڪئي ته آڊيٽر جنرل مظاهر نقوي جي پلاٽن جي ڪيٽيگرين جي جاچ ڪري رپورٽ جمع ڪرائي ۽ نادرا جسٽس مظاهر نقوي جي خاندان ۾ شامل ماڻهن جي نالن جي لسٽ فراهم ڪري.

Leave A Reply

Your email address will not be published.