My WordPress Blog

وڏو وزير آءُ يا مونس ٿيندو، پرويز الاهي جو انڪشاف

0

لاهور ( ويب ڊيسڪ) عمران خان جو واعدو ڪيل آهي ته ايندڙ چونڊن کانپوءِ پنجاب جو وڏو وزير آءُ هوندس يا مونس الاهي هوندو، پي ٽي آءِ صدر پرويز الاهي جي اهڙي انڪشاف کانپوءِ پي ٽي آءِ جي سينيئر قيادت ۾  ٻڙڌڪ مچي ويو آهي، ڇو ته عمران خان ان ڊيل ۽ وڏ وزارت جي نالي کي راز ۾ رکيو هو. نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته هڪ انٽرويو ۾ پرويز الاهي هڪ قدم اڳتي اهو به چيو ته عمران خان ڪيل واعدي جو پهرو به ڏئي رهيو آهي، جنهن جو ثبوت  ٽڪيٽن جي ورڇ آهي. صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته هاڻي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته شاهه محمود قريشي فواد چوڌري ۽ حماد اظهر کي صوبائي تڪن تي عمران خان ڇو ٽڪيٽون نه ڏنيون آهن.  پرويز الاهي اهو به چيو آهي ته اصل اسٽيبلشمينٽ لاءِ عزت آهي پر اسٽيبلشمينٽ ۾ گهڙي آيلن سان ڪوبه  تعلق نه آهي. ان جو مطلب به واضح آهي ته عمران خان  جن اسٽيبلشمينٽ جي آفيسرن ۽ آرمي چيف کي تنقيد جو هدف بڻائي رهيو آهي ۽ قتل جا الزام  مڙهي رهيو آهي پرويز الاهي ان موقف سان متفق آهي. هوڏانهن پرويز الاهي جي وڏ  وزارت ۽ ٽڪيٽن جي ونڊ ورڇ وارن انڪشافن کانپُءِ پي ٽي آءِ  جي سينيئر ن اڳواڻن ۾ ٻڙڌڪ متل آهي. جيڪي اڳ ئي  صوبائي ٽڪيٽ نه ملڻ تي ڪاوڙيل هئا. ڏسڻو آهي ته  عمران خان انهي  نئين تڪرار کي ڪيئن منهن ڏئي ٿو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.