عمران معاشي بارودي سرنگهون وڇايون، جنرل باجوا آرمي چيف جو رستو ڏکيو ڪري ويو
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ڊي ايم حڪومت لاءِ جيئن عمران خان ويندي ويندي آءِ ايم ايف سان معاهدو ٽوڙي معيشت لاءِ بارودي سرنگهون وڇائي ويو، ساڳي طرح اڳوڻو آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه به رٽائر ٿيڻ کان هفتو اڳ 22 نومبر 2022ع تي 12 جنرلن جون ترقيون ۽ مقرريون ڪري نئين آرمي چيف لاءِ اڳتي وڌڻ ۽ نئين پاليسيءَ تي عمل لاءِ سنگين ڏکيايون پيدا ڪري ويو. نامياري صحافي اسد علي طور جو چوڻ آهي ته اٽڪل 6 مهينا گذرڻ باوجود نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير جي نمايان ڪارڪردگي سامهون نه اچڻ جو ڪارڻ به اهو آهي ته ان جي ڀرپاسي موجود سمورا آفيسر جنرل (ر) باجوه جي سوچ وارا آهن ۽ آفيسرن جي جنرل (ر) باجوه سان ئي ذهني هم آهنگي آهي، جڏهن ته ٿيندو، اهو آهي ته ترقيون ۽ مقرريون نئين ايندڙ آرمي چيف جي صوابديد تي ڇڏيون وينديون آهن، جيئن هو پنهنجي سوچ مطابق پنهنجي ٽيم ٺاهي سوالائي سان اڳتي وڌي ۽ بنا ڪنهن ڏکيائي جي فيصلا ڪري سگهي. جنرل (ر) باجوه روايت جي ابٽڙ ويندي ويندي به پنهنجي هم خيالن جي ٽيم جوڙي ويو جنهن نئين سپهه سالار کي رڳو سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ پروپيگنڊا ۾ مصروف ڪري منجهائي ڇڏيو. کيس ناڪاري ٽوئيٽ ڏيکاري وري انهن کي ڏنل جواب ڏيکاريندا مصروف ڪندا رهيا انهن ڏکيائين باوجود جنرل عاصم منير ثابت قدم آهي. اختيار ڪيل پاليسيءَ تي تيزي سان نه ته به آهستي آهستي عمل ڪري رهيو آهي هاڻي اداري مان سيپٽمبر دوران ۽ اڳ رٽائرمينٽ ٿيڻون آهن جنهن ڪري هاڻي آرمي چيف جو باقاعده اداري تي ڪنٽرول مضبوط ٿي رهيو آهي. ان کان اڳ آرمي چيف جنرل عاصم منير جن به ڇانوڻين جي دورن تي ويو ته خطاب دوران هڪ اڳواٽ رٿابندي تحت کانئس چورن، ليٽرن ۽ ڦورو سياستدانن بابت سوال ڪيا ويا. جن جي جواب ۾ آرمي چيف واضح ڪندو رهيو ته سياست سان ڪوبه تعلق نه آهي، سياستدانن بابت سوالن بدران پنهنجين پروفيشنل آئيني سرگرمين تي ڌيان ڏنو وڃي.