My WordPress Blog

عمران خان جي الزامن تي آءِ ايس پي آر جو اهم بيان اچي ويو

0

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان اداري (آءِ ايس پي آر) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي الزامن جي مذمت ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين بنا ڪنهن  ثبوت جي هڪ حاضر سروس سينيئر فوجي آفيسر تي انتهائي غير ذميواراڻا ۽ بي بنياد الزام هنيا، من گهڙت ۽ بدنيتي تي ٻڌل الزام نه قبولڻ جوڳا، انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳا آهن. آءِ ايس پي آر موجب گذريل هڪ سال کان فوجي ۽ انٽيليجنس ادارن جي اهلڪارن کي سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ شرپسندي ۽ پروپئگنڊا ذريعي نشانو بڻايو پيو وڃي، اسان لاڳاپيل سياسي اڳواڻ کان مطالبو ٿا ڪيون ته هو قانوني رستي جو سهارو وٺي ۽ ڪوڙا الزام هڻڻ بند ڪري. پاڪ فوج جي ترجمان اداري چيو ته ادارو ڪوڙ، غلط بياني ۽ پروپئگندا خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو حق محفوظ رکي ٿو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.