شرجيل ميمڻ، ثاقب نثار کي مُلڪي تاريخ جو تڪراري ترين جج قرار ڏئي ڇڏيو
ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ثاقب نثار کي ملڪي تاريخ جو تڪراري جج قرار ڏيندي سندن فيصلن کي رد ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ قانونسازي ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته ثاقب نثار ۽ سندس پٽ تحريڪ انصاف جون ٽڪيٽون وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث آهن، سندس ڪيل فيصلن کي رد ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ قانونسازي ٿيڻ گهرجي، عدالتون اڃا تائين عمران خان سان لاڏلي وانگر ورتاءُ ڪري رهيو آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداريءَ ڀارت کي ان جي ڌرتي تي للڪاري پاڪستان جو ڪيس وڙهيو، عمران خان به ڀارت جيان پاڪستان کي ڏکيائين ۾ ڏسڻ چاهي ٿو.