My WordPress Blog

سنڌ ۾ 63 تڪن تي ننڍي مڪاني چونڊ،ڪراچي سميت مختلف ضلعن ۾ پ پ کي سرسي

0

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ضمني مڪاني چونڊ ۾ پولنگ کانپوءِ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي، ڪراچي جي 11 يوسيز تي پ پ کي 5 يوسيز تي سرسي حاصل ٿي وئي آهي، پ پ لياري جي يوسي 2 بهار ڪالوني ۽ يوسي 8 مومن آباد ۾ فتح حاصل ڪري ورتي. پ پ ڪياماڙي جي يوسي 2 بلدي ٽائون ۽ ڪورنگي ضلعي جي يوسي نمبر 2 ،سينٽرل ضلعي ۾ يوسي 13 نيوڪراچي به کٽي ورتي. هوڏانهن صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته اسان 11 مان 5 يوسيز کٽيون آهن،سان کي به نتيجن تي خدشا آهن، قانوني رستو اختيار ڪنداسين. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته جماعت اسلامي  جو مينڊيٽ مڃون ٿا پر ان تي  به سوال اٿيا آهن، هن چيو ته پ پ کي ڪراچي مان ٻڙي نٿا ڪري سگهو، جماعت اسلامي به اسان جو مينڊيٽ قبول ڪري. هن چيو ته انهن کي اسان مان وڌيڪ تڪليف لياري بهار واري سيٽ کٽڻ مان ٿي آهي، جماعت اسلامي غنڊاگردي ڪئي، اسان جا ٽي ڪارڪن زخمي ٿيا آهن. ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندن وٽان) سنڌ جي 24 ضلعن جي 63 تڪن تي ضمني مڪاني چونڊ،ڪجهه تڪن تي پ پ کي اپ سيٽ شڪست،تفصيلن موجب ڪراچي جي 11 يوسيز ۾ ضمني چونڊٿي،هيل تائين نتيجن موجب 5 وارڊن تي پ پ ،هڪ تي جماعت اسلامي ڪاميابي ماڻي. هڪ تي ن ليگ ڪامياب پ پ ذريعن دعويٰ ڪئي ته ڪراچي ۾ هيل تائين پاڪستان پيپلز پارٽي 103 سيٽون حاصل ڪيون.محرابپور جي ٽائون ڪميٽي ۾ پهريون ڀيرو پيپلز پارٽي واضح برتري حاصل ڪري ورتي. ٺٽو يو سي 25 ۾ پ پ جو الياس پيروزاڻي ڪامياب ٿي ويو، غوث جهتيال موجب  دادو ۾ غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن مطابق يونين ڪائونسل پٽ گل محمد تعلقه جوهي ۾ پي ٽي آءِ اميدوار شاهد لغاري ڪامياب پيپلز پارٽي کي شڪست. پ پ پ شهيد ڀٽو 3 پوزيشن تي يونين ڪائونسل سنڌي ٻٽڙا ۾ پ پ پ اميدوار شاهد خان ٿيٻو پي ٽي آءِ جي اميدوار شوڪت علي ٻٽڙو کي ملهه ماري وڌي، هن يونين ڪائونسل تي پيپلز پارٽي اڪثريت حاصل ڪري ورتي، ميونسپل ڪاميٽي دادو جي وارڊ 20 تي ضمني اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي پ پ پ جو اميدوار اقبال سولنگي وڏي اڪثريت سان ڪامياب جڏهن ته پي ٽي آءِ ليڊيز ونگ جي اڳواڻ بشيران سولنگي کي پارٽي هن وارڊ تي ٽڪيٽ جاري ڪئي هئي جنهن کي اڄوڪي ضمني چونڊن ۾ شڪست ملي. اهڙي طرح ضلعي دادو ۾ بلدياتي اليڪشن جيڪا 6 تڪن تي ٿيڻي هئي جن مان 3 تڪن تي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا آهن جڏهن ته اڄ 7 مئي تي ٿيندڙ باقي 3 تڪن تي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن مطابق پيپلز پارٽي 2 سيٽن تي ڪاميابي ماڻي آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ کي هڪ سيٽ ملي آهي اهڙي طرح ڪامياب اميدوارن ۾ پي ٽي آءِ جو اميدوار شاهد لغاري، پ پ پ جو اميدوار اقبال سولنگي ۽ شاهد ٿيٻو شامل آهي. حيدرآباد ۾ ٿيل مڪاني ضمني چونڊن جا غير حتمي غير سرڪاري نتيجن موجب حيدرآبادجي  يونين ڪائونسل  5 نيرون ڪوٽ تي پ پ جو اميدوار امير علي گوپانگ 1084 ووٽ کڻي چيئرمين جي عھدي تي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. جڏھن ته پي ٽي آءِ جواميدوار عبدالجبارخان 353 ووٽ کڻي سگھيو۽ ھارائي ويو. حيدرآباد جي حسين آباد يونين ڪميٽي 137 جي 4 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب پ پ جو اميدوار مير ذوالفقار ٽالپر1195 ووٽ کڻي چئيرمين جي عھدي تي ڪاميابي ماڻي ورتي پي ٽي آءِ اميدوار سيف الرحمان 523 ووٽ حاصل ڪري سگھيو ۽ھارائي ويو حيدرآباد جي يوسي 30 جي 2 وارڊن جي نتيجي موجب آزاد اميدوارناظم زاھد 179 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ پي ٽي آءِ اميدوار عبيدالله 113ووٽ حاصل ڪري ٻئين نمبر تي رھيو حيدرآباد جي  يوسي 17 نيرون ڪوٽ تي آزاد اميدوار ملڪ اسلم 1262 ووٽ کڻي چئيرمين جي عھدي تي ڪاميابي ماڻي ورتي. جڏھن ته پ پ جو اميدوار ملڪ عثمان 1224 ووٽ کڻي سگھيو ۽ ھارائي ويو. حيدرآباد جي يوسي 118 جي 5 پولنگن جي نتيجي ۾ موجب پ پ جي اميدوار 170 ووٽ کڻي پھرين نمبر تي پوزيشن برقرار جڏھن ته پي ٽي آء جي اميدوار کي 108 ٻئين نمبر تي پوزيشن برقرار آھي. حيدرآباد جي پولنگ اسٽيشنن تان رات دير تائين نتيجن اچڻ جو سلسلو جاري رھيو. مٽياري ضلعي ڪائونسل جي متوقع   چيئرمين مخدوم احمد الزمان يوسي 16 حسين هنڱورو تان وڏي ليڊ سان ڪاميابي حاصل ڪري ضلعي سياست ۾ انٽري ڏئي ڇڏي سروري جماعت جو صدر مخدوم احمدالزمان سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان جو سئوٽ ۽ اڳوڻي ايم اين اي مخدوم سعيد الزمان جو فرزند آهي،مخدوم احمد الزمان يونين ڪائونسل 16 محمد حسين هنڱورو تان مخالف اميدوار سعيد احمد دجگال کي لڳ ڀڳ 4000 هزار ووٽن جي وڏي ليڊ تان شڪست ڏئي سياسي ميدان ۾ ڌماڪيدار انٽري ڏني آهي. هوڏانهن سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان پاران نوجوان سياسي اڳواڻ سروري جماعت جي صدر مخدوم احمدالزمان کي ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون ويون ميرپوربٺورو مان امتياز علي سومرو  موجب ميرپوربٺورو جي يونين ڪائونسل شاهه محمد شاهه ۾ چئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ جي حوالي سان غير حتمي غير سرڪاري نتيجن موجب راڄوڻي اتحاد جو چئرمين اميدوار منور علي زئور ۽ وائيس چئرمين اميدوار سليمان ملاح 2467 ووٽ کڻي پ پ اميدوارن کي شڪست ڏيئي ڇڏي آهي جڏهن ته پ پ اميدوارن 2336 ووٽ کنيا آهن اهڙي طرح آزاد اميدوار 131 ووٽن جي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. نوابشاهه مان ايم بي چانڊيو موجب  نوابشاهه جي ٽي ايم سي ايڇ ايم خواجه جي يونين ڪائونسل 5 جي وارڊ نمبر 4 تي جنرل ڪائونسل جي سيٽ تي بلدياتي ضمني چونڊون ٿي گذريون، جن مان پيپلزپارٽي جي اميدوار عبدالعزيز انصاري 902 کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي جڏهن ته آزاد اميدوارن اورنگزيب انصاري 10، حمير هڪ به ووٽ نه کنيو جڏهن ته خالد شيخ 5 ووٽ حاصل ڪيا ۽ 2 ووٽ خارج ٿيا ، شهدادپور تعلقي جي جٽيا ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر 2 جي آزاد اميدوار جي فوت ٿيڻ سبب ملتوي ڪيل ضمني چونڊن جي پولنگ صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين جاري رهي. هن تڪ ۾ 7 اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿيو، چونڊن جي غير سرڪاري نتيجن موجب جنرل ڪائونسلر لاءِ پيپلز پارٽي جي اميدوار رانا محمد رمضان راجپوت 562 ووٽ کڻي واضح ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏھن ته جي ڊي اي اميدوار راڻا زاهد علي راجپوت 81 ووٽ حاصل ڪيا،  تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اميدوار شفيق الرحمان راجپوت 57 ووٽ حاصل ڪيا. چونڊ نتيجن جي اعلان کان پوءِ ڪامياب اميدوار جي حمايتين خوشيء ۾ جھمريون ۽ نعريبازي شروع ڪري ڇڏي،شڪارپور مان ذوالفقار مگسي موجب  شڪارپور شهر جي ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ نمبر 24 تي  ضمني چونڊ ٿي گذري جنھن ۾غير حتمي غير سرڪاري نتيجن موجب  پ پ مخالف آزاد اميدوار فياض سومرو 689 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي جڏھن ته پي پي اميدوار فائق علي سومرو 399ووٽ کنيا آزاد اميدوار فياض سومرو جي کٽڻ بعد سومرا برادري پاران دھلن ۽ شرنانين تي نوجوانن رقص پڻ ڪيو   جڏھن ته ان وارڊ ۾  پھريان پي پي اميدوار حضور بخش سومرو  ڪامياب ٿيو ھو . هوڏانهن سوڀوديرو تعلقي جي يوسي ميرڪ نمبر 63 وارڊ 3 جي خالي ٿيل جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي چونڊ ۾ جي ڊي اي پاران  اميدوار سعيد احمد ڀٽي ۽ پ پ پ جي اميدوار  رفيق احمد ڀٽو وچ ۾ مقابلو ٿيو غيرسرڪاري نتيجن موجب جي ڊي اي جي سعيد احمد ڀٽي 433 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏھن ته پ پ پ جي اميدوار  رفيق احمد ڀٽو 351 ووٽ کڻي ھارائي ويو. ٽنڊوالھيار مان رپورٽر حسرت لغاري لکيو ته  ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوالھيار جي وارڊ نمبر 6 تي اميدوار ڀورا لال کيمچند مينگھواڙ جي وفات سبب ملتوي ڪيل چونڊن تي ٿيل اليڪشن ۾ صحافي ۽ آزاد اميدوار شھزاد شيخ ڪاميابي ماڻي ورتي. شھزاد شيخ غير سرڪاري غير حتمي نتيجن مطابق 1114 ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي. جڏھن ته پ پ پ اميدوار ۽ سٽي ٽنڊوالھيار جو اڳوڻو صدر ۽ ڪائونسلر حاجي عبدالصمد 711 ووٽ حاصل ڪري ھارائي ويو. ٽنڊي باگي۾ضمني اليڪشن ۾۔غيرحتمي غيرسرڪاري نتيجن موجب وارڊ5تي پيپلزپارٽي اميدوارراجاسهيل 408ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويوسندس مخالف امتيازميمڻ کي 118ووٽ مليا،اوٻاوڙو مان رپورٽر عبدالحئي ڇڄڻ موجب اوٻاوڙو شھر جي رھيل وارڊ نمبر 6 تي پ پ اميد وار احمدخان سيلرو  1326 ووٽ کڻي  ڪاميابي ماڻي جڏھن ته  آزاد اميد وار عبدالڪريم ٿھيم ٽوٽل 636 ووٽ کڻي ھارائي ويو. عمرڪوٽ ضمني اليڪشن ۾ يوسي 13 فقير عبدالله مان پ پ پ اميدوار محمد قاسم ساند بنا مقابلي چئيرمين چونڊجي ويو پ پ جي چونڊيل چئيرمين حاجي محمد يوسف ساند جي لاڏاڻي سبب سيٽ خالي ٿي هئي هوڏانهن پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مڪاني چونڊ نتيجن تي تشڪر جو اظهار ڪندي چيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين عوام پ پ تي اعتماد ڪيو، ڪراچي، حيدرآباد سميت سمورن ضلعن ۾ چيئرمين جيالا ئي هوندا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.