سنڌ ۾ نائين ڏهين جا امتحان شروع، ڦوٽو اسيٽيٽ تي ڪاپي موجود
ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ ۾ نائين ڏهين ڪلاس جا امتحان شروع ٿي ويا آهن. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، نوابشاهه ۽ ميرپورخاص جي شهرن ۾ ميٽرڪ جا امتحان شروع ٿي ويا آهن. ذريعن موجب امتحانن دوران ڪاپي جي ڌم متل آهي جڏهن ته مختلف هنڌن تي پيپر آئوٽ ٿي ويو ۽ انتظاميا ڪاپي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. ذريعن موجب، صوبي جي مختلف امتحاني سينٽرن ۾ ڪاپي جي ڌم متل رهي، جڏهن مختلف شهرن ۾ امتحاني پيپر شروع ٿيڻ کان اڳ ڦوٽو اسٽيٽ تي ڪاپي جي صورت ۾ موجود رهيو. ڪاپي جي روڪٿام لاءِ ٽيمن پاران امتحاني سينٽرن جو دورو ڪيو ويو . پيپرن دوران ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ سڪيورٽي سخت ڪندي پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا.