My WordPress Blog

سنڌ ٻه آهن: ايم ڪيو ايم ڪنوينر جو زهريلو بيان

0

حيدرآباد( ويب ڊيسڪ  )متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ڪوٽا ۽ مردم شماري جو  بنياد ٻولي ۽ قوميت آهي.حيدرآباد ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته پڪ آهي ته ڪوٽا جو بنيادي سبب ٻولي ۽ قوميت آهي. هن چيو ته سنڌ ٻه آهن، هڪ شهري، هڪ ٻهراڙي، صوبي ۾ آدمشماري به ٻولي جي بنياد تي ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪوٻه سيڪڙو بجيٽ نٿو ڏئي اهو شهري سنڌ کي هڙپ ڪرڻ چاهي ٿو، ايم ڪيو ايم جي قيادت شهري سنڌ جو ڪيس پيش ڪري رهي آهي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته آدمشماري بابت اسان جون 200 سيڪڙو شڪايتون درست ثابت ٿي رهيون آهن. اسان جي گهرن ۾ م ش نه لکيل آهي ۽ نه ئي ڳڻپ آهي. هن وڌيڪ چيو ته سکر، نوابشاهه، ميرپورخاص ۾ آبادي وڌي رهي آهي، شهرن ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، اسان جي ڳڻتي ناهي، پارليامينٽ ۾ رهڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟.

Leave A Reply

Your email address will not be published.