سنڌ جيالن جو صوبو آهي، پ پ عوامي حقن جي جنگ کليل دل سان وڙهي آهي: وڏو وزير
ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ ۾ پيپلز پارٽي جي ڪاميابي عوام جي اعتماد جو اظهار آهي. مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ ۾ پيپلز پارٽي جي ڪاميابي تي وڏي وزير مراد علي شاهه شڪر جو اظهار ڪندي آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ جيالن کي مبارڪ ڏني. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پيپلزپارٽي هميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي، مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ ۾ پيپلز پارٽي جي ڪاميابي عوام جي اعتماد جو اظهار آهي، پيپلز پارٽي بنا ڪنهن فرق جي ڪراچي ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي روڊن، انڊر پاسن، فلائي اوورز، اسپتالن ۽ نيڪالي نظام کي پ پ اوليت جي بنياد تي تعمير ڪيو، پاڪستان پيپلز پارٽي آدمشماري تي عوام جي مفاد ۾ واضح موقف اختيار ڪيو، پ پ ڪراچي جي عوام جي حقن جي جنگ کليل دل سان وڙهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جيالن جو صوبو آهي، ڪراچي جو ميئر پيپلز پارٽي جو ٿيندو جيڪو هن شهر جي ڀرپور خدمت ڪندو. هن چيو ته حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻي جا ميئر به پيپلز پارٽي جا ميمبر هوندا. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي سمورن ضلعي ڪائونسلن جا چيئرمين به شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا جيالا ٿيندا. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي بحالي لاءِ پيپلز پارٽي وڏا قدم کنيا، جنهن سبب شهر امن جو ڳڙ بڻجي ويو آهي. وڏي وزير ڪراچي جي عوام جا ٿورا مڃيندي چيو ته هو ڪراچي جي عوام جا ٿورائتا آهن جن اعتماد ڪري کيس وڌيڪ خدمت ڪرڻ جو اختيار ڏنو. سندس چوڻ هو ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۾ پيپلزپارٽي جي قيادت ۽ حڪومت عوام سان گڏ بيٺل رهي، هارين جي بحالي لاءِ ربيع جي فصل لاءِ ٻج جي صورت ۾ مالي مدد ڪئي ۽ هاڻي گهر ٺاهڻ جي واعدي تي به ڀرپور نموني عمل ڪيو پيو وڃي.