My WordPress Blog

درفشان سليم پاڪستاني ڊراما انڊسٽري ۾ ڪهڙي تبديلي چاهي ٿي؟

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) من موهڻي اداڪارا درفشان سليم چيو آهي ته پاڪستاني ڊرامن ۾ اهو ئي ڏيکاريو ويندو آهي، جيڪو ماڻهو پسند ڪندا آهن. پنهنجي تازي انٽرويو ۾ درفشان سليم چيو ته اسان وٽ جيڪڏهن ڪنهن اداڪار يا اداڪارا جو ناڪاري ڪردار هڪ ڀيرو هٽ ٿي وڃي ته ان کي مسلسل ناڪاري ڪردار ملندا آهن، اهو رويو تبديل ٿيڻ گهرجي. ڪردار جي چونڊ جي حوالي سان هن چيو ته مان سڀ کان اڳ اهو ڏسندي آهيان ته اسڪرپٽ ڪيترو مضبوط آهي، ڇو ته ڊرامي جي ڪاميابي جو دارومدار اسڪرپٽ تي ئي هوندو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هڪجهڙائي رکندڙ ڊرامن کي تبديل ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ڏسندڙن جو نظريو تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته ڏسندڙ جيستائين قبول نه ڪندا، تيستائين تبديلي ممڪن ناهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.