حامد مير ۽ مريم نواز کي زهر ڏنو ويو هو، معجزاڻي طور بچي ويا
لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف جي حڪومت دوران ڪجهه اهم شخصيتن کي رٿابندي تحت موت جي ننڊ سمهاريو ويو هو ۽ ڪجهه شخصيتون بچي ويون جن ۾ مريم نواز، حامد مير، ابصار عالم ۽ اسد علي طور معجزاڻي طور بچي ويا هئا. جنرل (ر) فيض حميد جيڪو رڪارڊ اداري حوالي ڪيو ويو آهي. ان مان اهم شخصيتن جي موت بابت اهم شهادتون مليون آهن. نامياري صحافي سيد عمران شفقت موجب جسٽس وقار سيٺ، ارشد ملڪ ۽ خادم حسين رضوي جي موت جو ڪارڻ ته بظاهر ڪورونا وگهي ڄاڻايو ويو هو پر انهن کي جنرل (ر) فيض محمد ۽ عمران خان جي ڳٺ جوڙ تحت موت جي ننڊ سمهاريو ويو هو. جڏهن ته صحافي حامد مير ۽ مريم نواز کي به زهر ڏنو ويو هو پر معجزاڻي طور بچي ويا. ابصار علام تي فائرنگ ڪرائي وئي ۽ اسد علي طور کي کنڀيو ويو پر معجزاڻي طور ٻئي بچي ويا. اهڙين شهادتن جو فائيل سرڪار وٽ پهچي چڪو آهي. صحافي عمران شفقت موجب هاڻي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته عمران خان ڪنهن خاص زهر جو ذڪر ڇو ڪيو هو. ان ڪري ته اهو استعمال ڪرائي چڪو هو. هاڻي مٿي ۾ بالٽي پائي گهمڻ جو عمران خان پاڻ جيڪو ڪم ڪري چڪو آهي ۽ جن ذريعي ڪرائي چڪو آهي هاڻي پاڻ به انهن طرف قتل جون آڱريون کڻي رهيو آهي ۽ بالٽي پائي گهمي رهيو آهي.