My WordPress Blog

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جا وزيراعظم شهباز شريف کان ڪجهه سوال

0

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان وزيراعظم شهباز شريف کان ڪجهه سوال ڪيا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عمران خان چيو ته مان ٻه ڀيرا قاتلاڻن حملن جو نشانو بڻيس، ڇا مان شهباز شريف کان سوال پڇي سگهان ٿو؟عمران خان سوال ڪيو ته ڇا مون کي پاڪستاني طور قاتلاڻي حملي جي ذميوارن کي نامزد ڪرڻ جو حق آهي؟تحريڪ انصاف چيئرمين، وزيراعظم کان اهو به سوال ڪيو ته مون کي ڪيس داخل ڪرڻ جي آئيني ۽ قانوني حق کان ڇو محروم ڪيو ويو؟هن چيو ته جيڪڏهن شهباز شريف انهن سوالن جا سچ تي ٻڌل جواب ڏئي سگهي ته انهن سڀني مان هڪ ئي طاقتور شخص ۽ ان جي ساٿين جو پتو ملندو، جيڪي سڀ قانون کان مٿانهان آهن. سندس موجب وقت اچي ويو آهي ته اسان باضابطا طور اعلان ڪيون ته پاڪستان ۾ جهنگ جو قانون ئي لاڳو آهي، جتي جيڪو ڏاڍو سو گابو جو اصول هلي رهيو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.